پي ٽي آءِ دور ۾ ترقيءَ جو ڦيٿو رڪجي ويو، ملڪ ۾ پاليسين جو تسلسل انٽر آهي:وزير احسن اقبال

رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ دور ۾ ترقيءَ جو ڦيٿو رڪجي ويو، ملڪ ۾ پاليسين جو تسلسل انٽر آهي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته مستقبل بهتر بڻائڻ لاءِ رٿابندي ضروري آهي، 2013ع ۾ 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي.

هن چيو ته سي پيڪ جهڙا تاريخي منصوبا هو پاڪستان ۾ کڻي آيا، تبديليءَ جي سفر ۾ تاريخي منصوبن کي نقصان پهچايو ويو.

احسن اقبال چيو ته جنهن ملڪ ۾ پاليسين  تسلسل نه هوندو اتي تهجد پرهندڙ به فيل ٿي ويندا، ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام، پاليسين ۾ تسلسل ضروري آهي، پاليسين جي تسلسل کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي.

وفاقي وزير چيو ته ملڪي استحڪام امن سان مشروط آهي، پي ٽي آءِ دور ۾ ترقيءَ جو ڦيٿو رڪجي ويو، هن وقت اسٽاڪ مارڪيٽ بلند ترين سطح تي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *