لاهور (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيالن کي تحريڪ انصاف حڪومت جون نااهليون عوام سامهون آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پنجاب جي عهديدارن جو اجلاس لاهور ۾ ٿيو، جنهن ۾ قمر زمان ڪائرا، اعتزاز احسن ۽ چوڌري منظور سميت ٻيا شريڪ ٿيا.اجلاس ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ پنجاب جو حصو گهٽ ٿيڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو.ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ وفد سان مليو ۽ اي پي سي بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهي ڏني.ذريعن جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن اپوزيشن کي متحد ڪرڻ بابت بلاول جي ڪوشش کي ساراهيو ۽ چيو ته پ پ کي صوبي ۾ سياسي طور وڌيڪ فعال ڪيو ويندو.پ پ چيئرمين پنجاب جي اڳواڻن کي صوبائي حڪومت جون نااهليون اجاڳر ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏيندي چيو ته ڪارڪن گهر گهر وڃي عوام کي پي ٽي آءِ جي نااهلين بابت آگاهه ڪن.هن چيو ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ حڪومت عوامي مسئلن جي حل ۾ ناڪام وئي آهي، پنجاب حڪومت جي ناڪامي عوام جون زندگيون خطري ۾ وجهي ڇڏيون آهن، پ پ ئي پنجاب جي عوام جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي.