پي ٽي آءِ جي ڪاميابي پاڪستان جي فتح آهي، سرمائيدارن جو نه پر عوام جو نمائندو آهيان: شيخ رشيد

راولپنڊي(۾ ڊ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد لال حويلي ۾ ڪاميابي جي خوشيءَ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته سرمائيدارن جو نه پر عوام جو نمائندو آهيان، غريب کي تيل، گيهه، دال چانورن سميت بنيادي شيون انهن جي پهچ ۾ ڪيون وينديون. هن چيو ته مان سمورن ماڻهن جو قرضي آهيان ۽ لال حويلي سمورين جماعتن جو هيڊ ڪوارٽر آهي. منهنجو هڪ ئي مقصد هو ڪرپٽ ماڻهن کي ڪڍڻ.هن چيو ته عمران خان سان گڏجي حڪومت ٺاهيندس بابت بيان ڏيندو هئم ته ماڻهو ٺٺول ڪندا هئا، پي ٽي آءِ جي ڪاميابي پاڪستان جي فتح آهي. راولپنڊي واسيو منهنجي ڪاميابي توهان جي فتح آهي. شيخ رشيد ڪاميابي تي سمورن مذهبي، سياسي جماعتن جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته لال حويلي جا دروازا سڀني لاءِ کليل آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *