پي ٽي آءِ جي پوزيشن مضبوط آهي ،مرڪز ۾ حڪومت ۾ ٺاهنيدي ۽ سنڌ ۾ به جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهندي؛محمد ميان سومرو

شڪارپور ( رپورٽ : عتيق ڌڪڙ )  اڳوڻي وزير اعظم ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد ميان سومرو چيوآهي ته پي ٽي آءِ جي پوزيشن مضبوط آهي ،مرڪز ۾ حڪومت ۾ ٺاهنيدي ۽ سنڌ ۾ به جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهندي ، اڳوڻو وزير اعظم  ۽ اين اي 196 تي پي ٽي آءِ اميدوار محمد ميان سومرو شڪارپور جي پي ايس 07 تي جي ڊي  اي اميدوار آغا تيمور خان پٺاڻ جي رهائشگاھ سلطان ڪوٽ پهتو ، پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي پتمبر سيواڻي پ پ کي الوداع ڪري پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪري ڇڏي ، پي ٽي آءِ جيڪب آباد جي اڳواڻ راجا جکراڻي پنهنجا اختلاف ختم ڪري محمد ميان سومرو جي مڪمل حمايت ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي ، ياد رهي ته راجه جکراڻي پيپلز پارٽي جي ڊويزنل صدر ۽ اين اي 196جي اميدوار اعجاز جکراڻي جو ڀيڻيو آهي ، محمد ميان سومرو ۽ راجا جکراڻي جي پاڻ ۾ صلح ڪرائڻ ۾ جي ڊي اي جي اڳواڻ آغا تيمور خان پٺاڻ جو اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ صلح ڪرائي ، ان موقعي تي محمد ميان سومرو آغا تيمور جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته شڪارپور جي سومرا برادري جو ووٽ آغا تيمور خان پٺاڻ کي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندس ، محمد ميان سومرو چيو ته پي ٽي آءِ پوري ملڪ ۾ ڪامياب ٿيندي۽ وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ ٺاهيندي جڏهن ته سنڌ ۾ جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ ملي ڪري حڪومت ٺاهيندا ، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان ڪرپشن جي خلاف آواز بلند ڪيو نه صرف نواز شريف بلڪه ملڪ ڀر ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ آواز اٿاري ، هڪ سوال جي جواب  ۾ هن چيو ته نواز شريف جو فيصلو عدالت ڪندي ، هن چيو ته پرويز مشرف سان رابطو ٿيندو آهي ان جي خلاف به ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي جڪڏهن پاڪستان اچڻ چاهي ٿو ته اچي ڪيسن سان منهن ڏئي، ان موقعي تي اسلم ابڙو ، مير نادر خان کوسو ، مير اصغر خان پنهور ،مير احمد بروهي ،انور خان سومرو ،راجا خان جکراڻي ، طارق خان انڙ ، فاروق خان بروهي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *