خيرپور ( رپورٽ: شاهد نواز سيال ) تعليم کاتي خيرپور ۽ بيڪن هائوس اسڪول سسٽم جي گڏيل سهڪار سان تعلقا خيرپور ۽ ڪوٽڊجي جي 60 پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ فرنيچر ورهائڻ، تعليم کاتي سنڌ حڪومت پاران ارلي چائلڊ ٽيچر لاءِ 70 ڪامياب ٿيندڙ عورت اميدوارن ۾ آفر آرڊر ورهائڻ جي گڏيل تقريب گورنمنٽ ڪمپري هينسيو هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ ٿي گذري. تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پي ٽي آء جي سوچ ۽ فڪر ۾ ڪنٽينر آھي جيستائين عمران خان آھي ملڪ ترقي نه ڪندو پي ٽي آء ملڪ کي ير غمال بڻائي ڇڏيو آھي سنڌ کي ماڪڙ ستان بڻائي ڇڏيو آھي ته وفاق جي عدم توجھ سبب ملڪ جا آبادگار تباهي طرف وڃي رهيا آهن وفاقي حڪومت سنڌ صوبي جي عوام جو خيال نه ٿي ڪري جنھن سبب سنڌ ايمرجنسي ڏانھن وڌي رھيو آھي. وفاقي وزيرن کي تـنقيد کان علاوھ ڪو ڪم نه آهي انهن کي پگهار اپوزيشن تي تنقيد ڪرڻ جي ڏني وڃي ٿي. ڊاڪٽر سيده نفيسه شاھ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي جيڪي اپوزيشن سنڌ حڪومت تي تنقيد ٿي ڪري اهي پهريان سنڌ جو دورو ڪن ۽ اتي اسڪولن ۽ اسپتالن جي حالت ڏسن کين خبر پئجي ويندي ته سنڌ حڪومت ڪم پئي ڪري تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين تقرير ڪري پنهنجي ٽيلنٽ کي ظاهر ڪيو اسين چاهيون ٿا ته شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي ٽيلنٽ کي دنيا اندر ظاهر ڪن اسين کين ٻهرپور سپورٽ ڪنداسين. هن چيو ته طبقاتي نظام ختم ٿيڻ گهرجي جنهن سان مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. هن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري اسڪولن جي مرمت ۽ اسڪولن ۾ فرنيچر جي فراهمي لاءِ جلد اپائن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. ڊاڪٽر نفيسه شاهه والدين تي زور ڀريو ته هو پنهنجي ٻارڙن کي ڪاپي ڪلچر کان پاسو ڪرڻ ۽ ذهني طور تي تيار ڪن ته اسانکي ڪاپي ناهي ڪرڻي ڇو ته فيل ٿيڻ سان شاگردن کي پنهنجي غلطيون سڌارڻ جوموقعيو ملندو آهي پر ڪاپي نه ڪرڻ سان مستقبل محفوظ ٿيندو آهي سول سوسائٽي کي اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ميرٽ جي بنياد تي آفر آرڊر جاري ٿين جو سلسلو سيد قائم علي شاهه جي وڏي وزارت ۽ سندس ضلعي ناظمي واري دور کان هلي رهيو آهي، سوين اميدوارن کي قابليت جي بنياد تي نوڪريون مليون آهن. هن آخر ۾ بيڪن هائوس اسڪول سسٽم جي سي اي او آصف يعقوب پاران فرنيچر جي فراهمي تي سندس شڪريو ادا ڪيو. تقريب دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي گيتن ۽ تعليم متعلق ٽيبلوز پيش ڪيا تقريب کي ڊائريڪٽر اسڪول سکر عبدالعزيز هڪڙو بيڪن هائوس اسڪول سسٽم جي ڊائريڪٽر طيبه بتول تنيو، ڊي او پرائمري لياقت خاصخيلي ڊي او سيڪنڊري حميد الله مھر، پرنسپل رياض ملاح ۽ ٻين خطاب ڪيو.