ڪراچي(م ڊ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ پير پاڳاري عمران خان لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام موڪليو آهي، ميڊيا رپورٽن مطابق جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه راشدي ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ اهم رابطو ٿيو آهي، ان حوالي سان خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ محمد علي دراني به موجود هو، ٻڌايو پيو وڃي ته ملاقات ۾ پير پاڳاري پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو، جڏهن ته بئريسٽر محمد علي سيف پير پاڳاري ۽ جي ڊي اي قيادت کي عمران خان جو اهم پيغام ڏنو، اڳواڻن سياسي صورتحال ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ، رابطا وڌائڻ ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي پير پاڳاري مخالف ڌر کي ويجهو آڻڻ ۾ محمد علي دراني جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته اپوزيشن پارٽين ۾ گڏيل رابطن لاءِ ڪردار کي وڌيڪ وڌائڻ گهرجي، بئريسٽر سيف چيو ته پير پاڳارو پاڪستان لاءِ قابل احترام شخصيت آهي، ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ ۾ سندس سياسي بصيرت اهم آهي.