پي ٽي آءِ جو سنڌ ۾ شگر ملز اسڪينڊل جي جاچ لاءِ خاص ڪميشن جوڙڻ ۽ سنڌ بئنڪ جي آڊٽ ڪرائڻ جو مطالبو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي ۽ حليم عادل شيخ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته متحده لنڊن جي سربراهه جيان پيپلز پارٽي به سنڌ اندر دهشتگردي ڪري رهي آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ 38 مان 18 شگر ملز فعال آهن، جيڪي آصف زرداري ۽ سندس دوستن جون آهن، ٺٽو شگر ملز کي 100 ڪروڙ رُپين جو قرض ڏنو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته مراد علي شاهه سچو آهي ته ثابت ڪري ته ٺٽو شگر فعال آهي. هن چيو آهي ته سنڌ صوبي ۾ پ پ وارن ڪرپشن کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪم ناهي ڪيو، دادو شگر ملز کي به ڪرپشن جي ڪري تباهه ڪيو ويو. هنن چيو آهي ته ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان جي رپورٽ کانپوءِ مراد علي شاهه ڇُريون تکيون ڪيون آهن، پر اسان ناانصافي ڪرڻ نه ڏينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *