لاهور ( م ڊ ) لاهور جي احتساب عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان کي 15 ڏينهن لاءِ نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان کي احتساب عدالت جي جج سيد نجم الحسن جي روبرو پيش ڪيو ويو. نيب ريفرنس ۾ شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز عليم خان طرفان وڪالت نامو پيش ڪيو. نيب پراسيڪيوٽر عدالت اڳيان موقف اختيار ڪيو ته عليم خان خلاف جاچ جاري آهي تنهن ڪري کيس 15 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب تحويل ۾ ڏنو وڃي. احتساب عدالت درخواست منظور ڪندي عليم خان کي 15 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.