ڪراچي( م ڊ ) سنڌ سرڪار طرفان پي ايس ايل ٿريءَ جي فائنل لاءِ ڪراچي ۾ فول پروف سڪيورٽي انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه سان پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پي ايس ايل ٿري جي فائنل سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه رانديگرن لاءِ بڪتر بند گاڏيون خريد ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اسٽيڊيم جي مرمت ۾ سڪيورٽي تجويزن لاءِ ايس ايس پي سڪيورٽي کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ ۽ ڊپٽي ڊي جي کي فل ڊريس سڪيورٽي ريهرسل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ان موقعي تي وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو ته مان هر لحاظ کان پي ايس ٿري کي تاريخ بڻائيندس. هن چيو ته فل ڊريس ريهرسل ڪرڪيٽ ميچن لاءِ عالمي اعتماد پيدا ڪندي.