پي ايس ايل لاءِ 501 رانديگرن جي فهرست جاري

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن لاءِ 501 رانديگرن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي. پي ايس ايل جي ٽئين ايڊيشن لاءِ پلاٽينيم 21، ڊائمنڊ 22، گولڊ 79، سلور 298، ايمرجنگ ۾ 93 رانديگرن پي سي بي جي اهتمام ۾ ڇهه مختلف ٽيمن ڪيٽيگريز ۾ پسند جي رانديگرن جي چونڊ ڪنديون. فرنچائزز رانديگر برقرار رکڻ يا تبديل ڪرڻ جو فيصلي ڪندي پنهنجي اسڪواڊز لاءِ 9،9 جي چونڊ پهريان ئي ڪري چڪي آهي، آچر تي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ٿيندڙ ڊرافٽ ۾ هڪ هڪ پلاٽينئم، ڊائمنڊ ۽ گولڊ رانديگر، 2،2 سلور ۽ ايمرجنگ رانديگر جي چونڊ ڪندي. 16 رڪني اسڪواڊ کان علاوه هر ٽيم کي 4،4 سپليمينٽري رانديگر چونڊن جو حق حاصل هوندو، ان جي ضرورت پوڻ تي ٽورنامينٽ دوران ڪنهن وقت به طلب ڪري سگهجي ٿو. ذريعن مطابق پلاٽينيم ڪيٽيگريز جا رانديگر هڪ لک 40 هزار ڊالرن جا حقدار هوندا، اهڙي طرح ڊائمنڊ 70 هزار، گولڊ 50 هزار ۽ سلور ڪيٽيگري جا رانديگر پي سي بي سان 50 هزار ڊالر جي وڏي رقم وصول ڪندا. انڊر 19 ۽ ايمرجنگ ڪرڪيٽرن سان گڏ پي ايس ايل جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽيمون پنهنجي ٽيلينٽ هنٽ پروگرامن ۾ اڳيان ايندڙ ڪرڪيٽرن کي به چونڊي سگهنديون. ياد رهي ته پي ايس ايل جي ٽئين ايڊيشن جون ميچون پاڪستان ۽ يو اي اي ۾ ٿينديون. ايونٽ لاءِ ڊرافٽ آچر تي ٿيندو جن ۾ آسٽريليا، انگلينڊ، ڏکڻ آفريقا، ويسٽ انڊيز، سريلنڪا، زمبابوي ۽ ڪينيڊا جا رانديگر شامل آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *