لاهور(م ڊ) پي ايس ايل جي ٻئي ايڊيشن جي فائنل مئچ لاءِ قذافي اسٽيڊيم کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي. بيٽنگ وڪيٽ تيار ڪئي وئي آهي جتي چوڪن ۽ ڇڪن جي برسات ٿيندي. پڄاڻي واري تقريب کي چار چنڊ لڳائڻ لاءِ ڪيترائي ناليوارا گلوڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. ان موقعي تي لاهور کي به روشنين جو شهر بڻائڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. پي ايس ايل جي فائنل مئ ۾ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن قذافي اسٽيڊيم جي چوڌاري روڊن تي بهترين لائيٽنگ جو بندوبست ڪيو ويو آهي ،گاڏين جي پارڪنگ لاءِ مختص ڪيل 6 پارڪنگ اسٽيڊنز ۾ لائٽس لڳايون ويون آهن. ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن لاهور بجلي جي لاڳيتو فراهمي لاءِ جنريٽر جو بندوبست ڪيو ويو آهي. پاڪستان سپر ليگ جي انتهائي اهم مئچ جي موقعي تي ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ سڪيورٽي ادارن طرفان انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. حفاظتي انتظامن جي سلسلي ۾ سرچ اينڊ سوپپنگ جو عمل اسٽيڊيم جي گيٽ کـُلڻ تائين جاري رهندو، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر ذريعي فضائي نگراني جو عمل به جاري رهندو. عوام جي اسٽيڊيم ۾ داخلا لاءِ نادرا جو عملو به سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪرڻ لاءِ موجود آهي، هاڪي اسٽيڊيم ۾ 25 بسترن جي عارضي اسپتال به ٺاهي وئي آهي. لاهور جي ميئر مبشر جاويد جو چوڻ آهي ته ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن ۽ پوليس جي درخواست تي مال روڊ، ايوان تجارت روڊ، جيل روڊ، مين بليو ارڊ گلبرگ، فيروز روڊ ، ڪنال بينڪ روڊ جي گرين بيلٽس، نور جهان روڊ، حالي روڊ ۽ ٻين هنڌن کي وڏيون لائيٽس لڳائي روشن ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي