راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف ميجر جنرل قمر جاويد باجوا وزير اعليٰ پنجاب شهباز شريف کي پي ايس ايل فائنل جي سيڪيورٽي جي لاءِ سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف وزير اعليٰ پنجاب سان ٽيليفون تي رابطو ڪري پي ايس ايل جي فائنل جي سيڪيورٽي جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته پي ايس ايل جي سيڪيورٽي جي لاءِ جيڪا به شئي گهربل هجي اها اسان کي ٻڌائي وڃي، فوج طرفان ڀرپور تعاون ڪيو ويندو، وزير اعليٰ شهباز شريف ان موقعي تي آرمي چيف سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ مان خوف واري لهر ختم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح هوندي.