پي ايس ايل جي فائنل مئچ جا انتظام 15 مارچ تائين مڪمل ڪرڻ ۽ 300 گاڏين تي مشتمل شٽل سروس هلائڻ جو اعلان

ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اڄ جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فائنل مئچ جي انتظامن بابت جائزي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ هن انتظاميا کي هدايت ڪئي ته اهي شهر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ڪم جي شروعات ڪئي وڃي ۽ شهر ۾ تهوار جهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي. هن چيو ته اهو پهريون ايونٽ آهي ۽ ان بعد ڪيترائي ايونٽس منعقد ڪيا ويندا. اجلاس ۾ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، سڌسماءَ وارو وزير ناصر حسين شاهه، مڪاني ادارن وارو وزير ڄام خان شورو، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد، انسپيڪٽر جنرل پوليس اي ڊي خواجا، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، ايڊيشنل آءِ جي (سي ٽي ڊي)، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ طاهر آزاد، مختلف کاتن جا سيڪريٽريز، ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آءِ جي پوليس، ڊي جي رينجرز ۽ مڪاني ادارن واري وزير پاران وڏي وزير کي شهر جي امن امان ۽ صفائي سٿرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مان چاهيان ٿو ته 15 مارچ تائين سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن. مڪاني ادارن واري وزير کي شهرين لاءِ سهولتن کي يقيني بڻائڻ بابت هدايت ڏيندي وڏي وزير چيو ته شهرين کي سهولتن جي حوالي سان هر قسم جي آگاهي ڏني وڃي، ڪيستائين گاڏيءَ ۾ ۽ ڪيترو پنڌ هلڻو آهي سموري ڄاڻ هئڻ گهرجي، وڏي شهر ۾ وڏي ايونٽ جي ميزباني لاءِ ڪراچي جو عوام هر طرح جي سهڪار لاءِ تيار آهي. شهر کي ٻوٽن ۽ وڻن سان سرسبز بڻايو وڃي ۽ شهر جي خوبصورتي لاءِ بهترين لائٽنگ جو بندوبست ڪيو وڃي، فلڊ لائٽن جو بندوبست ڪيو وڃي جيڪي اهم شاهراهن تي لڳايون وڃن. شهر جي خوبصورتيءَ جو معيار ڪراچي کي ڏسندي ڪيو وڃي، سڄي شهر ۾ فيسٽيول ۽ جشن وارو ماحول نظر اچڻ گهرجي. اجلاس ۾ وڏي وزير پي ايس ايل فائنل لاءِ شٽل سروس هلائڻ جو اعلان ڪندي 300 گاڏين تي مشتمل شٽل سروس هلائڻ جي منظوري ڏني وئي اهي 47 سيٽن تي مشتمل هونديون. پارڪنگ کان اسٽيڊيم کان شٽل سروس هلائي وڃي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پارڪنگ واري ايريا ۾ واش روم، پيئڻ جي پاڻي جون سهولتون هئڻ گهرجن، ضروري اوزارن سان ليس موبائل ايمبولينسن جو بندوبدست وڏي تعداد ۾ ڪيو وڃي ۽ جيئن ئي ميچ پورو ٿئي 30 کان 50 منٽن موسيقي پروگرام جو به شروع ڪيو وڃي ته جيئن افراتفري واري صورتحال پيدا نه ٿئي. اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيشنل اسٽيڊيم ڀرپاسي مان سموريون حددخليون کي هٽايو ويو آهي ۽ روڊن جو مرمتي ڪم 90 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ شهر جي ٻين اهم روڊن جو مرمتي ڪم به هلندڙ آهي ۽ اسٽيڊيم جي رستن تي وڏيون لائٽيون لڳايون ويون آهن، اسٽريٽ لائٽس ۽ ٻين سهولتن سميت شهر جي نالن جي صفائي جو ڪم ڪيو ويو آهي جيڪو ڪنٽورنمنٽ بورڊ جو ڪم هو. ڄام خان شوري چيو ته اسٽيڊيم ڏانهن ويندڙ رستن تي وڏيون لائٽون لڳايون وينديون، سي سي ٽي وي ڪئميرا سڄي علائقي ۾ لڳايا ويا آهن جڏهن ته پارڪنگ ۾ به 33 هزار گاڏيون بيهارڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته وي وي آءِ پي ڪوچن جي پارڪنگ لاءِ چائنا گرائونڊ، ڪشمير روڊ، آچر بازار، بيت المڪرم مسجد ۽ ڪجهه ٻين علائقن ۾ بندوبست ڪيو ويو آهي ۽ غريب نواز فٽبال گرائونڊ، حڪيم سعيد پلي گرائونڊ، اوپن گرائونڊ ڀرسان اردو يونيورسٽي ۾ پارڪنگ بڻائي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته عوامي بيت الخلاء به بڻائي رهيا آهيون. وڏي وزير هدايت ڪئي ته پارڪنگ ايرياز ۾ وڏي اسڪرين لڳائي وڃي ته جيئن ڊرائيور به ميچ مان مزو وٺي سگهن. هن چيو ته فنڊز جي پرواهه نه ڪريو جيترو گهرجي ڏنو ويندو پر انتظام مثالي هئڻ گهرجن. اجلاس ۾ سنڌ بوائز اسڪائوٽس جا 200 اسڪائوٽس جو عملو کڻڻ جي پڻ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ وڏي وزير کي آءِ جي پوليس ٻڌايو ته نيشنل اسٽيڊيم ۾ 35 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي گنجائش موجود آهي ۽ 8 هزار گاڏين جي پارڪنگ جو بندوبست ڪري رهيا آهيون. شهر ۾ ٽريفنڪ انتظامن بابت رٿابندي ڪئي وئي آهي ۽ اسٽيڊيم ۽ ان جي ڀرپاسي گاڏيون پارڪنگ ڪرڻ لاءِ مارڪنگ جاري آهي نيز سمورن روڊن تي عوام جي آگاهيءَ لاءِ هدايتون وارا بورڊ به لڳايا ويا آهن. ان موقعي تي ڊي جي رينجرز وڏي وزير کي تجويز ڏني ته عوام جي آگاهيءَ لاءِ ڪيمپ لڳايا وڃن ته بهتر ٿيندو. وڏي وزير ميئر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته شهر کي فلڊ لائٽس، ايليومينشن، ساوڪ ۽ ٻين طريقن سان خوبصورت بڻايو وڃي. ھن چيو ته مان اوهان (انتظاميا، ڪي ايم سي، پوليس، رينجرز، هيلٿ وغيره) کي ضروري فنڊ فراهم ڪرڻ تيار آهيان. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته اوهان (انتظاميا) 15 مارچ تائين انتظامن کي مڪمل ڪريو ۽ اسان ٻيهر ايندڙ جمعي تي حتمي طور تي انتظامن جو جائزو وٺنداسين. هن چيو ته هُو اسٽيڊيم جو دورو به ڪندو ۽ موقعي تي جاري ڪم جي رفتار ۽ انتظامن کي پڻ ڏسندو. وڏي وزير ميڊيا تي زور ڀريو ته شهر جي اميج کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪريو ته جيئن پي ايس ايل ميچ جي فورن بعد ٻين ايونٽس جو بندوبست ڪري سگهجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *