لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت ٻئين پي ايس ايل جو فائنل ۵ مارچ تي لاهور ۾ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن مطابق قذافي اسٽيڊيم ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻئين پي ايس ايل جي تيارين جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ۸ کان ۱۰ هزار اهلڪار ۵ مارچ تي لاهور ۽ خاص ڪري قذافي اسٽيڊيم جي ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا. ذريعن مطابق قذافي اسٽيڊيم جي نئين پويلين جو افتتاح سڀاڻي ٿيندو، اسٽيڊيم جي ٻاهر روڊن جي مرمت به هلندڙ آهي. پاڪستان سپر ليگ جو ۸۰ سيڪڙو اسٽاف لاهور پهچي ويو آهي، جڏهن ته ٽرافيون ۽ شيلڊون پڻ پهچايون ويون آهن. ان حوالي سان پي ايس ايل جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته هاڻي اهو ٻڌائي نه ٿا سگهون ته ڪهڙا غير ملڪي رانديگر فائنل کيڏڻ لاءِ پاڪستان ايندا.