اسلام آباد (بيورو): پاڪستان سپر ليگ اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل بابت وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي ايف آءِ اي شروعاتي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، تفصيلن موجب ايف آءِ اي طرفان گهرو وزير کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ رانديگرن جي امڪاني فڪسنگ ۾ ملوث هجڻ ۽ قدمن بابت شاهديون موجود آهن، جڏهن ته رانديگرن جي موبائل فونز تان ميسيجز ڊليٽ ڪرڻ واري معاملي جو به جائزو ورتو پيو وڃي، چوڌري نثار چيو ته مهيا ڪيل شاهدين جو فرانزڪ جائزو وٺي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي، معاملي جي جلد کان جد جاچ مڪمل ڪئي وڃي، معاملو ڪجهه رانديگرن جي ذاتي فعل يا بدعنواني جو ناهي، اهڙين خبرن سان ملڪ جي ساک متاثر ٿئي ٿي، هن ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي ته معاملي جي هر پاسي کان جاچ ضروري آهي ۽ ايف آءِ اي معاملي جي بنا ڪنهن دٻاءَ جي اڻڌري جاچ ڪري، واضح رهي ته پي ايس ايل ۾ اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ ملوث هئڻ جي بنياد تي شرجيل خان ۽ خالد لطيف خلاف جاچ جاري آهي، جڏهن ته محمد عرفان خلاف به جاچ ڪئي پئي وڃي.