پي آءِ اي جهاز ۾ اڏام دوران ملتان واسي عورت ٻارڙيءَ کي جنم ڏنو

لاهور (م ڊ) قومي ايئر لائين پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 716 ۾ هڪ عورت ٻارڙيءَ کي جنم ڏنو. ملتان ڀرسان هڪ ڳوٺ جي رهواسڻ عمرو ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب وئي هئي، جيڪا اڄ اڏام ذريعي ملتان اچي رهي هئي ته صبح جي وقت سندس طبعيت بگڙي وئي ۽ هن جهاز ۾ ئي ڌيءُ کي جنم ڏنو. پي آءِ اي پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ٻارڙيءَ جي ڄمڻ جي خبر ڏيندي لکيو ته ”معجزا روز ٿيندا آهن ۽ اڄ مديني کان ملتان ايندڙ اڏام پي ڪي 716 ۾ به اسان هڪ معجزو ڏٺو، جنهن وقت هڪ سهڻي ٻارڙيءَ جي پيدائش ٿي. پي آءِ اي ٻارڙيءَ جي والدين کي مبارڪ ڏيندي هنگامي صورتحال ۾ فوري طور مدد فراهم ڪرڻ تي عملي جي به واکاڻ ڪئي. واضح رهي ته ڄاڻايل اڏام مديني کان ملتان اچي رهي هئي پر موسم جي خرابي سبب ان کي ڪراچي ۾ لينڊ ڪرايو ويو.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *