پي آءِ اي جهاز حادثي ۾ پائلٽ ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر ذميوار قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پيش ايندڙ جهاز حادثي جي جاچ رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پائلٽ ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر کي حادثي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان سان هوا بازي واري وزير غلام سرور خان ملاقات ڪئي ۽ پي آءِ اي جهاز حادثي جي جاچ رپورٽ پيش ڪئي، جڏهن ته غلام سرور خان وزيراعظم کي رپورٽ تي بريفنگ به ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان، غلام سرور خان کي رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ذريعن موجب ايئر ڪرافٽ ايڪسيڊنٽ انويسٽيگيشن بورڊ جي عبوري رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته لينڊنگ وقت جهاز جي ڪاڪ پٽ ڪريو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول جي هدايتن کي نظرانداز ڪيو، جڏهن ته ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر به هدايتن تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو.رپورٽ ۾ حادثي جي سببن ۾ جهاز ۾ فني خرابي جي امڪان کي رد ڪيو ويو آهي ۽ حادثي ۾ پي آءِ اي ۽ سي اي اي کي برابر ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ حادثن جي روڪٿام ۾ پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي طريقي ڪار کي به ناڪام قرار ڏنو ويو آهي.رپورٽ ۾ جهاز جي پائلٽ ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر کي حادثي جو ذميوار قرار ڏيندي جهاز ۾ فني خرابي جي امڪان کي رد ڪيو ويو آهي.رپورٽ ۾ جهاز جي ڊيٽا فلائٽ ريڪارڊر، ڪاڪ پٽ وائس ريڪارڊر مان ملندڙ ڄاڻ، لاهور کان ڪراچي اڏام جو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کان حاصل ريڪارڊ به شامل آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لينڊنگ وقت جهاز جي ڪاڪ پٽ ڪريو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر جي هدايتن کي نظرانداز ڪيو ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول به پنهنجي هدايتن تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار جهاز اوزارن ۽ سسٽمز جي جاچ جو ڪم اڃا جاري آهي.واضح رهي ته 22 مئي تي لاهور کان ڪراچي ايندڙ پي آءِ اي جهاز پي ڪي 8303 لينڊنگ کان اڳ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڀرسان آباديءَ تي ڪِري تباهه ٿي ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ عملي سميت 97 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *