پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آئي جي روئڻ وارن جو ميوزم ٺاهي، سندن بوتا رکنداسين: عابد شير علي

February 12, 2017 at 11:49 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

فيصل آباد(م ڑڊ)  پاڻي ۽ بجلي واري مملڪي وزير عابد شير علي فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عمران خان پنهنجي بيانن ۾ ميچ فڪسرز ۽ چيئرمين پي ايس ايل کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي جڏهن ته عمران خان پاڻ سڀ وڏو جواري آهي. اسان عوام سان ملي ڪري عمران خان کي روڊن تي گهلينداسين. عابد شير علي جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آئي اي جي روئڻ وارن جو اسان ميوزم ٺاهينداسين جتي انهن جا بوتا رکيا ويندا. هنن پاناما کي اشو ٺاهي روئن ٿا پر اسان پاناما جو داغ کڻي اليڪشن ۾ نه وينداسين. ۲۰۱۸ جي چونڊن ۾ نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اڪثيرت سان وزير اعظم ٿيندو ۽ روئڻ وارا روئندا رهندا. عابد شير علي پي ٽي آئي جي رهنما شاهه محمود قريشي نالي چيو ته شاهه محمود قريشي جهڙا جعلي پير پنهنجي مريدن کي ڦرن ٿا. اهي درٻار جا پيسا ۽ لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويٺو آهي ۽ پنهنجي ٻارن کي ذڪوات جي پيسن مان پالي رهيا آهن. بليڪ مني شاهه محمود وٽ اچي وائيٽ ٿي وڃي ٿي. لال حويلي غريب ماڻهن جي امانت آهي جنهن کي واپس وٺي انهي ۾ غريبن کي رهائينداسين. عابد شير علي جو چوڻ هو ته ڪرڪٽ کي اڳتي وڌندي ڏسي ماڻهن کي تڪليف ٿي رهي آهي انهي جي ڪري هنن رانديگرن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پي ايس ايل ۾ ميچ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگرن کي معاف نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن وقت سر فيصلا نه ڪيا ويا ته ڪرڪيٽ کي تمام گهڻو نقصان پهچندو. ميچ فسڪنگ ۾ ملوث رانديگرن تي سڄي زندگي پابندي لڳڻ کپي.

اي پيپر