پيپلز پارٽي کي ڪوبه مزدورن کان جدا نه ٿو ڪري سگهي؛بلاول ڀٽو

ڪراچي:(هه آ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته اڄ پهرين مئي مزدورن ۽ محنت ڪندڙن جو عالمي ڏينهن آهي، جڏهن محنت ڪندڙن دنيا ۾ انقلاب آندو، کين پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ اتحاد ۽ قربانيءَ سان مزدورن پنهنجا حق کسي ورتا ۽ اڄوڪو ڏهاڙو مزدورن جي عظيم جدوجهد جي ناءُ آهي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس جي بينڪيوٽ هال ۾ محنت ۽ انساني وسيلن واري واري کاتي جي ورڪرز ويلفيئر بورڊ پاران پهرين مئي جي سلسلي ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، پيپلز پارٽي سنڌ
جو صدر نثار احمد کهڙو، پيپلز پارٽي جا صوبائي وزير، ميمبر قومي ۽ صوبائي اسيمبلي، ليبر اڳواڻ، مزدورن ۽ محنت ڪندڙن طبقي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ان وقت پارٽيءَ کي قائم ڪيو جڏهن ملڪ ۾ مارشل لا ۽ 22 خاندانن جي حاڪمت هئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي ڪوبه مزدورن کان جدا نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي محنت ڪندڙن جي دلين مان شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي محبت کي ڪڍي سگهجي ٿي. بلاول ڀٽي زرداريءَ وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي مزدورن جي حقن جو هر قيمت تي تحفظ ڪندي. هن چيو ته مزدور دوست ليبر پاليسي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ئي ڏني هئي. بلاول ڀٽو چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو مزدورن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ادارا قائم ڪيا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي گذريل دور ۾ مزدورن کي ڪارخانن ۽ ادارن ۾ ٻارنهن سيڪڙو ڀائيواري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، جڏهن ته نواز حڪومت ان تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو. بلاول ڀٽو چيو ته نواز حڪومت مزدور دشمن حڪومت آهي، نواز شريف جي حڪومت اربين رپين جي اورنج لائين ته ٺاهي سگهي ٿي پر انهن ڪڏهن مزدورن لاءِ هڪ اسپتال ناهي ٺهرائي. چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ چيو ته سنڌ حڪومت مزدورن لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي پر وفاقي حڪومت سهڪار نه پئي ڪري. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اي او بي آءِ سوشل سڪيورٽي واري پروگرام ۾ تبديلين جي ضرورت آهي، ڳوٺاڻن ۽ مزدورن کي به سوشل سڪيورٽي ۾ شامل هئڻ گهرجي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته سوشل سڪيورٽي واري اداري جو دائرو وڌايو وڃي. هن هڪ جامع ليبر پاليسي جوڙڻ تي به زور ڀريو جنهن ۾ مزدورن جي سمورن مسئلن جو حل هجي. بلاول ڀُٽي زرداريءَ وڏي وزير کي چيو ته ليبر ڊپارٽمينٽ کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته ليبر ڪورٽس پنهنجو مقصد پورو نه ڪري رهيون آهن ۽ ليبر ڪورٽس مان انصاف ملڻ اڻ لڀ آهي. بلاول ڀٽو چيو ته اسان کي پبلڪ سيڪٽر سان گڏوگڏ پرائيوٽ سيڪٽر تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *