اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي تي قومي اسيمبليءَ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو، ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي واري معاملي تي عالمي سطح تي ڪمزور موقف پيش ڪري رهي آهي، معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪرايو وڃي. پيپلز پارٽي جي عمران ظفر لغاري، نواز يوسف ٽالپر ۽ عذرا فضل پيچوهو قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو. پ پ ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڀارت مسلسل سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي پر حڪومت عالمي سطح تي ڪمزور موقف پيش ڪري رهي آهي. ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي سان قومي معيشت کي نقصان پهچندو ۽ زمينون بنجر بڻجي وينديون.