پيپلز پارٽي پنجاب ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي جلسن جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پيپلز پارٽي پنجاب ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي جلسن جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيپلز پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته 4 اپريل بعد بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ جلسا ڪندو، چيئرمين بلاول ڀٽو سمورن ڊويزنز ۾ عوامي جلسن کي خطاب ڪندو، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي ورسي موقعي تي راولپنڊي ۾ وڏو اجتماع ٿيندو، شهيد ڀٽو جي ورسي لاءِ پنجاب مان ڪارڪنن جا قافلا ڳڙهي خطا بخش پهچندا، پيپلز پارٽي راولپنڊي ڊويزن جي عهديدارن کي خطاب ڪندي قمر زمان ڪائره چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو سمورن ڊويزنز ۾ عوامي جلسن کي خطاب ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *