پيپلز پارٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، تڪ جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي حامين جدا جدا گڏجاڻيون ڪرڻ لڳا

پنوعاقل ( رپورٽ سجاول سومرو ) پيپلز پارٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، تڪ جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي حامين جدا جدا گڏجاڻيون ڪرڻ لڳا، ڊاڪٽر آفتاب پاران سڏايل ميمبر سازي ميٽنگ ۾ ڄام گروپ جي ڪنهن به ڪارڪن يا اڳواڻ کي دعوت نه ڏني، ڄام گروپ جي حامين پ پ اڳواڻ سردار بختيار خان چاچڙ، ٽائون چيئرمين شبير احمد شيخ، عبدالرزاق عرف وڪيل خان ڌاريجو، ضلعي انفاميسن سيڪريٽري لياقت خالدي پاران ورڪرن ۽ جيالن جي ميمبر شپ فارم ڀرڻ لاِء بينظير فلور مل تي گڏجاڻي ڪوٺائي، جنهن ۾ تعلقي پنوعاقل جي مختلف يوسين جي ورڪرن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي سردار بختيار خان چاچڙ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ مضبوط آهي، ڪجهه مقامي وڏيرا سياست چمڪائڻ لاءِ الڳ الڳ ميٽنگيون ڪرائي ورڪرن کي گروپن ۾ ورهائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي ٽائون چيئرمين شبير احمد شيخ چيو ته پنوعاقل ۾ پيپلز پارٽي ۾ ڌڙا بندي پيدا ڪندڙ ڊاڪٽر آفتاب سومرو پنهنجو پاڻ کي چمڪائڻ لاءِ گروپ ٺاهي رهيو آهي هن چيو ته ڊاڪٽر آفتاب هڪ ٺيڪيدار ياسين انڍڙ ۽ رشيد ڪورائي کي ساڻ ڪري مختلف يوسين ۾ وڃي زوري ميمبر شپ لاءِ فارم ڀري رهيو آهي جيڪي ڀريل فارم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هوندا هن چيو ته آفتاب سومري جيڪي فارم ڀريا آهن اُهي درياءُ ۾ لوڙيا ويندا، ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي جهوني ورڪر يوسي بائجي جي چيئرمين عبدالرزاق عرف وڪيل خان ڌاريجو ڳالهائيندي چيو ته اسان جا ليڊر ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه، ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ايم پي اي سيد اويس قادر شاهه آهن ڪا به ڌڙا بندي ناهي بس هڪ ئي ماڻهو آهي آفتاب سومرو جيڪو ورڪرن ۽ جيالن کي ورغلائي پارٽي کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو جڏهن ته ضلعي انفارميشن سيڪريٽري لياقت خالدي، هنڱورو يوسي جي چيئرمين حفيظ ڪلهوڙو، عبدالرئوف چاچڙ ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر آفتاب پنهنجي رهائشگاهه تي چند ٺيڪيدار گهرائي پارٽي جي ميٽنگ ڪرائي ٿو اسان کيس چتاءُ ڏيون ٿا ته ليڊر ٿيڻ جو شوق اٿس ته پيپلز پارٽي کان الڳ ٿي مقابلو ڪري ته خبر پوي ته ليڊر ٿيڻ ڪيڏو ڏکيو هوندو آهي، هنن چيو ته اڄ جي ميٽنگ ۾ پنوعاقل تعلقي جا جيالا، ورڪر وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي ثابت ڪيو آهي ته عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي ڪنهن وڏيري سان ناهي، ان موقعي تي ورڪرن پاران زوردار گو وڏيرا گو جا نعرا هنيا ويا، جڏهن ته ڄام گروپ جي ۽ پ پ پ جي پراڻن ورڪرن ۾ پ پ ۾ ڌڙا بندي کي پ پ پ خلاف وڏي سازش قرار ڏيندي چيو ته ٻئي نمائندا پ پ پ جي پليٽ فارم تان ئي چونڊيا ويا آهن اندروني اختلاف پ پ پ کي وڏو نقصان پهچائيندا جيڪڏهن چونڊيل نمائندن جي اها روش رهي ته پنوعاقل جي غريب مظلوم عوام پورهيت هاري ناري شاگرد پ پ جا حامي ماڻهن جو نمائندن خلاف ويساهه کڄي ويندو هنن خبر ناهي پنوعاقل جي پ پ پ جي نمائندن کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي هتان جو عوام نمائندن جي غلط سوچ ٿي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته پراڻن جيالن کي نظر انداز ڪري مفاد پرستن کي اڳتي آڻي جيالن جي پُٺي ۾ ڇُري هنئي وئي آهي پر اسان پ پ پ جي ڌڙا بندي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، ٻي طرف اپوزيشن ليڊر جي حامي سابقه زڪوات چيئرمين رشيد ڪورائي سوشل ميڊيا تي ڄام گروپ جي سڏايل ميٽنگ کي پ پ پ خلاف سازش قرار ڏيندي چيو ته سيد خورشيد احمد شاهه ۽ اويس شاهه پ پ پ جا جيالا ڪارڪن آهي جيڪي ڏکي وقت ۾ پ پ سان گڏ رهيا اڄ به عوام سان گڏ آهن،

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Scroll to Top