اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي وزيراعظم ۽ ڀارتي واپاري جندال جي ملاقات خلاف سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪرايو نوٽيس جمع ڪرايو آهي جمعي تي پ پ جي سينيٽر سحر ڪامران پاران سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ڌيان ڇڪرايو وارو نوٽيس جمع ڪرايو ويو آهي ان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ۽ احسان الله احسن جي گرفتاري کانپوءِ ڀارتي واپارين جي وزيراعظم سان ملاقات ڪيترائي سوالن کي جنم ڏنو آهي. ڀارتي واپاري جندال سنگال ۽ وريندر بابر سنگهه ڪابل کان پاڪستان آيا ٽئي واپاري خاص جهاز ذريعي اسلام آباد پهتا، نوٽيس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته جندال ڀارتي وزيراعظم جو ويجهو دوست آهي ان ملاقات بابت حڪومت سينيٽ کي تفصيل فراهم ڪري.