لاهور(م ڊ) : پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڄ جي ريلي حڪومت خلاف احتجاج جو پهريون قدم آهي. بلاول هائوس لاهور جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي ريلي جي شروعات سگيان کان ڪنداسين ۽ اتي ئي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو، هاڻي اسان جي ڳالهه چار مطالبن کان اڳتي وڌي چڪي آهي، وڏي تعداد ۾ عوام حڪومت مخالف ريلي ۾ شرڪت ڪندي ۽ ڪارڪن فيصل آباد تائين ويندا.