پيپلز پارٽي جي حڪومت غريب جي حڪومت هوندي، نوڪريون ڏينداسين: آصف زرداري
April 25, 2017 at 1:42 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
مردان (م ڊ): اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته بينظير ڀٽو جو خواب هو ته فاٽا کي پختونخواهه ۾ ضم ڪيو وڃي، فاٽا کي خيبر پختونخواهه سان ملائينداسين ۽ اهي پاڻ ۾ ڀائر ٿي رهندا، مردان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته مون کان پهرين ڪنهن پختونن کي سڃاڻپ ڏيڻ جي همت ئي نه ڪئي، مون پختونن کي انهن جي سڃاڻپ ڏني، هن چيو ته موجوده حڪومت پختونن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ تي انهن جي ڏوهاري آهي، پختونن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي مذمت ڪريان ٿو، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت غريب جي حڪومت هوندي، سي پيڪ به پيپلز پارٽي کان چوري ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هڪ ڪپتان نڪتو آهي ۽ سمجهي ٿو ته اهو پختون آهي، پنهنجي نالي پٺيان خان لڳائڻ سان ڪو پٺاڻ ناهي ٿي ويندو، پٺاڻ ٿيڻ لاءِ پشتو زبان به اچڻ گهرجي، نه عمران خان پشتو ڄاڻي ٿو، نه ان جو شجرو آهي، هن چيو ته عمران خان عمر ۾ مون کان به وڏو آهي ۽ پاڻ کي نوجوانن جو ليڊر چوي ٿو، جڏهن ته نوجوانن جو اصل ليڊر بلاول ڀٽو زرداري آهي، اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته ڪٿي اسان پاڪستان ڇڏيو هو ۽ ڪاٿي هاڻي پاڪستان پهتو آهي، هن چيو ته نواز شريفجڏهن به سنڌ ايندو آهي ته چوندو آهي، کيسا ڀري آيو آهيان، ڇا اهو کيسي مان پئسا ڏيندو آهي، اهي عوام جا پئسا هوندا آهن، هن چيو ته پنجن ئي ججن مان ڪنهن به نواز شريف کي معصوم نه چيو، اڳوڻي صدر چيو ته مون کي خيبر پختونخواهه جي هر علائقي ۾ وڃي پنهنجي ڪارڪنن سان ملڻو آهي، اسان جو منشور رڳو نوڪري، نوڪري ۽ نوڪري ڏيڻ آهي، سڀني کي نوڪريون ڏينداسين.