ڪراچي(م ڊ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران ملاقات ڪئي وئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حامد سعيد ڪاظمي کي باعزت آزاد ٿيڻ تي مبارڪ باد ڏيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻن هميشه تڪليفون ڏٺيون پر پوءِ به ثابت قدم رهيا. وڏي وزير ۽ حامد سعيد ڪاظمي جي ملاقات ۾ سرائيڪي بيلٽ ۾ پارٽي جي آرگنائيزيشن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون پڻ ڪيو ويو. وڏي وزير ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي جي ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيو ويو.