پيپلز پارٽي جيڪا پاليسي ڏني آهي جيڪڏهن ان تي عمل ڪيو وڃي ته محنت ڪشن جا مسئلا حل ٿي ويندا؛ناصر شاهه

ڪراچي (هه آ) ٽرانسپورٽ، اطلاعات ۽ پورهئي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته  پيپلز پارٽي هميشه مزدورن جي ڳالھ ڪندي آهي. پيپلز پارٽي جيڪا پاليسي ڏني آهي جيڪڏهن ان تي عمل ڪيو وڃي ته محنت ڪشن جا مسئلا حل ٿي ويندا پهريون ڀيرو وزير اعلٰيٰ سنڌ مزدرون جي نمائنندن جي تجويز ڪيل منصوبن لاءِ فنڊ جاري ڪيا آهن مزدورن لاءِ ڪالونيون ۽ فليٽس جي انشورنس ڪئي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ منعقد پهرين ٽن فريقن واري ڪانفرنس جي پهرين سيشن سان خطاب دوران ڪيو. ڪانفرنس جو افتتاح وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد  علي شاھ ڪيو هو. سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ محنت واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ وڌيڪ چيو ته مزدورن جي ڪالونين ۾ الاٽمينٽ لاءِ سينيارٽي کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. جڏهن ته مزدورن لاءِ اين آءِ سي وي ڊي جو يونٽ کوليو ويو آهي. هن چيو ته اسان عزم ڪيو آهي مزدرون جي ٻارن لاءِ تعليم ۽ صحت جون سهولتون انهن جي چائونٺ تائين پهچائينداسين اسان چاهيون ٿا ته مزدور پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن حڪومت انهن جي مدد ڪندي. ناصر حسين شاھ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پهريون ڀيرو 22 فيبروري تي مزدور پاليسي جو اعلان ڪيو هو. ليبر کاتو هر سال 22 فيبروري تي مزدور ڪانفرنس منعقد ڪندو ۽ هر سال 11 سيپٽمبر تي ليبر سيفٽي ڊي به ملهايو ويندو جڏهن ته سينيئر وزير ۽ اڳواڻ نثار احمد کهڙو جي سربراهي ۾ مزدورن لاءِ مخصوص قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. مزدورن جي ڪالونين لاءِ ايمبولينسز ۽ فائر ٽينڊرز به خريد ڪيا پيا وڃن. صوبائي وزير ٻڌايو ته گھوٽڪي ۾ 2 هزار فليٽس تعمير ڪيا ويندا جڏهن ته ڪورنگي ۽ لانڍهي ۾ ورڪرز ڪاليجز تعمير ڪيا ويندا. ڪانفرنس سان خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چودري منظور چيو ته آئي ايل او جي سهڪار سان پهرين ليبر ڪانفرنس جو انعقاد خوش آئند آهي. ايشين ليبر ڪانفرنس جي انعقاد سان دنيا م سٺو اميج ويندو. جيڪڏهن پورهيت جو آواز نه ٻڍو ويندو ته فيٿو ڪيئن هلندو. چودري منظور چيو ته هن ملڪ جي تاريخ ۾ شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه جي دورن کان بغير ڏسو ته مزدرو ڪٿي نظر ايندو آهي. ملڪ ۾ آصف علي زرداري جي شخصيت بابت منفي پروپيگنڊا ڪيو ويو جڏهن ته ان وقت موبائل جي 100 روپئي جي ڪارڊ تي 14 روپيا ڪٽجندا هئا ته چيو ويندو هو ته زرداري ٽيڪس آهي اڄ 28 روپيا ڪٽجي رهيا آهن ڪو ڪجھ به نٿو چئي. پيپلز پارٽي جي حڪومت 3 لک ملازمن کي مستقل ڪيو آهي. ان کان پوءِ تقريب جي ٻئي سيشن جي صدارت اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاھ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ چودري منظور احمد ڪئي. جڏهن ته معروف صنعتڪار مجيد عزيز، پائلر جي ڪرامت، سيد نذير علي، شفيع غوري، قربان علي زرداري، خواجه نعمان، ظهرا اڪبر خان ۽ ٻين ليبر قانون جي حوالي سان پنهنجون سفارشون به پيش ڪيو، سيڪريٽري محنت عبدالرشيد سولنگي سفارشن جي حوالي سان کاتي جي اُپائن بابت آگاھ ڪيو.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *