پيپلزپارٽي احتساب لاءِ تيار آهي پر احتساب سڀني سان هڪ جهڙو ٿيڻ گهرجي: سعيد غني

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ پورهئي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان جي زبان بند ڪرڻ لاءِ اسان جي ماڻهن کي هراسان ڪيو پيو وڃي، نيب کي سرگرم ڪري اسان جي ماڻهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي ته جيئن اسان کي دٻائي سگهجي. اسان اعجاز جکراڻي جي گهر تي چاپي جي سخت مذمت ڪندا آهيون، صوبائي وزير سعيد غني جيل خاني جي صلاحڪار اعجاز جکراڻي سان گڏ ڪيمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سعيد غني وڌيڪ چيو ته گذريل رات اعجاز جکراڻي جي گهر نيب ڇاپو هنيو ڪو به ادارو احتساب ڪري اسان کي ڪو اعتراض ناهي پر جانبدارانه احتساب جي خلاف آهيون اعجاز جکراڻي جو اليڪشن ٽربيونل سان رجوع ٿيل آهي. 14 آڪتوبر تي ري ووٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ جو امڪان آهي اهو ڇاپو دٻاءُ وجهڻ لاءِ هنيو ويو ڇو ته خورشيد شاهه سميت ٻيا جيالا گرفتار آهن ليڪن ان وقت تائين انهن خلاف ڪو ريفرنس ئي فائنل ناهي ڪيو ويو جڏهن ته حسنين مرزا خلاف چاليهه ڪروڙ جو ريفرنس فائنل آهي پر ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي اعجاز جکراڻي کي عدالت ضمانت ڏئي رکي آهي پر ان کي هراسان ڪيو پيو وڃي هن چيو ته نيب جي ڪارروائي ڪنهن کان ڍڪيل لڪيل ناهي چيف جسٽس آف پاڪستان چئي چڪو آهي ته ملڪ ۾ احتساب ون سائيڊ ڪيو پيو وڃي فريال ٽالپر جي پراپرٽي اڄ تائين ثابت ناهي ٿي سگهي ملڪ ۾ انصاف سان مذاق ڪيو پيو وڃي حڪومت جي نا اهلين کي لڪائڻ لاءِ انقامي ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن ان موقعي تي سعيد غني چيو ته اعجاز جکراڻي جي گهر چار ديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو رينجر به اختيار کان وڌيڪ ڪيو رينجر اهلڪارن اعجاز جکراڻي جي گهر ڀاتين جي ڪمري ۾ تلاشيون ورتيون جڏهن ته اعجاز جکراڻي جي وڪيل کي ڊرافٽ به نه ڏيکاريو ويو ۽ ان کي گهٽي ۾ روڪيو ويو اعجاز جکراڻي جي گهر ۾ عورتن سان گڏ مرد اهلڪار به اندر ويا رينجر اهلڪار ان ڪمرن ۾ ڇا ڪرڻ ويا هئا ڇا رينجر جو اهو ڪم آهي ته انهن چيو ته اسان جي ثقافت آهي عورتن جو احترام ڪيو وڃي پر هتي به دٻايو ويو اهو سلوڪ خورشيد شاهه ۽ آغا سراج دراني سان به ڪيو ويو هو اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو ته اسان ڪشمير، مهانگائي ۽ عوام جي ايشو تي ڳالهائي رهيا آهيون ان لاءِ اسان خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي جنهن ڏينهن اهي ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندا ان ڏينهن اهو انتقام ختم ٿي ويندو هن چيو ته اسان جي قيادت هر ڪيس ۾ باعزت بري ٿيندي ڇو ته انهن ڪيسن ۾ ڪجهه ناهي ان موقعي تي سعيد غني هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته رينجر خلاف خط لکڻ جو اختيار هجڻ جي باري ۾ مونکي علم ناهي اسان رينجر تي اعتراض نه ٿا ڪري سگهون جنهن طريقي سان ڪارروائي ڪئي وئي اها غلط آهي آصف علي زرداري چئي چڪو آهي اسان تي لڳايل الزام ثابت ڪيو جڏهن ته عليمه تي الزام ثابت ٿي چڪو آهي هن چيو ته نيب وارا وڌا ڊيٿ آهن اهي پيپلزپارٽي خلاف ڪم ثواب سمجهي ڪندا آهن هن چيو ته پيپلزپارٽي احتساب لاءِ تيار آهي پر احتساب سڀني سان ساڳيو ٿيڻ گهرجي اگر وزيراعظم جي 500 ماڻهن جي فهرست آئي ته ان جي اڌ ڪابينا ختم ٿي ويندي.         

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *