اسلام آباد: (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽي پاڪستان پيپلزپارٽي عالمي مالياتي فنڊز (آءِ ايم ايف) سان ٿيل ڊيل کي عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان ۽ نفيسه شاهه چيو ته عام ماڻهو وڌيڪ مهانگائي برداشت نٿو ڪري سگهي. سان عوام دشمن معاهدي کي نٿا مڃون.هن چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙين شرطن تي ملڪ ۽ اداري کي گروي رکيو پيو وڃي؟ معاهدي مان لڳي ٿو ته مهانگائي جو سونامي اچڻ وارو آهي.