پيپلزپارٽي، پارٽي منشور جي تحت مرحوم ملازمن جي ٻارڙن کي نوڪري ڏيڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي: ڄام خان شورو

May 4, 2017 at 3:11 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي مڪاني کاتي واري وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته پ پ پ پارٽي منشور جي تحت مرحوم ملازمن جي ٻارڙن کي نوڪري ڏيڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ 2000 کان 2016 تائين نوڪري دوران فوت ٿيندڙ ملازمن جي بيواهن ۽ بارڙن کي نوڪري ڏني ويئي آهي اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته اسان مڪاني کاتي جي انتظام هيٺ سمورن ادارن ۾ اهڙي طرح جي قدمن کي يقيني بڻايون ۽ سموريون نوڪريون صاف ۽ شفاف طريقي سان ميرٽ تي ڏنيون وڃن اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڄام خان شوري واٽر بورڊ جي نوڪري دوران فوت ٿيندڙ 461 ملازمن جي ٻارڙن ۽ بيواهن ۾ مقرري جا آرڊر جاري ڪيا ۽ تقريب ۾ موجود مرحومن جي ٻارڙن ۾ پنهنجي هٿن سان انهن کي آفر آرڊر ڏنا ويا. ڄام خان شوري چيو ته گذريل 16 سالن ۾ نوڪري دوران فوت ٿيندڙ ملازمن مان 571 جا ٻارڙا ۽ بيواهن نوڪري لاءِ درخواست ڏني هئي ۽ سمورين قانوني تقاضائن کي مدنظر رکندي مان ايم ڊي واٽر بورڊ کي هدايت ڏني هئي ته صاف ۽ شفاف طور تي انهن جي اسڪروٽني جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي جنهن تي هن 5 رڪني ڪميٽي ڊي ايم ڊي ايڇ آر ڊي اينڊ اي محمود قادري جي سربراهي ۾ جوڙي جنهن 571 مان 461 ملازمن جي مقرري جي سفارش ڪئي هئي. هن چيو ته اڄ انهن سمورن کي آرڊر ڏنا ويا آهن ۽ اهو اسان جي پارٽي جي منشور جي عين مطابق آهي. هن چيو ته ڪميٽي سمورن قانوني تقاضائن کي مدنظر رکندي صاف شفاف طور تي 571 درخواستن کي هڪ هڪ ڪري جائزو ورتو ۽ انهن مان 461 درخواستن کي منظور ڪيو.