پيٽرول مصنوعات جي اگهن ۾ اضافو سليڪٽيڊ حڪومت جو تحفو آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ حڪومت جي ترجمان، قانون ۽ ماحوليات کاتي بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب پيٽرول مصنوعات جي اگهن ۾ اضافو سليڪٽيڊ حڪومت پاران تحفو قرار ڏيندي چيو آهي ته نئين سال ۾ پيٽرول، ايل پي جي ۽ بجلي جي اگهن ۾ اضافو عوام کي جيئري دفن ڪرڻ جي ڪوشس آهي.هن چيو ته تحريڪ انصاف جي نا اهل حڪومت صرف دعوا ئي ڪيا آهن پر انهن جي عملي ڪارڪردگي زيرو آهي. هن چيو ته پيٽرول مصنوعات جي اگهن ۾ اضافو مذمت جوڳو آهي اها نا اهل حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق کسڻ چاهي پئي. هن چيو ته عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهجي رهي آهي ۽ تبديلي سرڪار کي بد دعا ڏئي رهي آهي. اهڙن اڳواڻن کي غريبن جي بد دعائن کان ڊڄڻ گهرجي الله جي لٺ بي آواز آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيٽرول مصنوعات جي اگهن ۾ اضافي سان مهانگائي جو طوفان اچڻ وارو آهي پر سليڪٽيڊ اڳواڻن کي ڪا به پرواهه ناهي عوام چاهي مري يا جيئي انهن کي ڪو فرق نٿو پوي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي تحريڪ انصاف جي عوام دشمن معاشي پاليسين جي مذمت ڪري ٿي.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *