پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 9 روپين کان وڌيڪ واڌ جو امڪان

اسلام آباد:(بيورو)  پهرين جون کان پيٽرول وارين شين جي قيمتن ۾ 12 روپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.رپورٽ موجب عيد تي حڪومت طرفان عوام کي مهانگائي جو هڪ ٻيو تحفو ملڻ وارو آهي ۽ پهرين جون کان پيٽرول وارين شين جي قيمتن ۾ 12 روپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.پٽروليم ذويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين جون کان پيٽرول جي قيمت ۾ ساڍا 9 روپيا في ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 11 روپيا 50 پئسا، لائٽ ڊيزل آئل جي قيمتن ۾ 7 روپيا 85 پئسا ۽ گاسليٽ به 12 روپيا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *