پيٽروليم ليوي جي آڙ ۾ عوام کان اربين رپيا وڌيڪ لٽڻ جي معاملي جي پارليامينٽ ۾ جاچ ٿيڻ گهرجي: شهباز شريف

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پيٽروليم ليوي 106 سيڪڙو وڌائڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پيٽروليم ليوي جي آڙ ۾ عوام کان اربين رپيا لٽڻ جي معاملي جي پارليامينٽ ۾ جاچ ٿيڻ گهرجي جاچ ٿيڻ گهرجي ته اوگرا جي ڊيزل ۾ 12 ڏهائي چار رپيا لاٿ جي تجويز جي باوجود پنج رپيا لاٿ جي منظوري ڇو ڏني وئي. پيٽروليم ليوي جي مد ۾ واڌو 10 ارب رپيا ماهوار لٽيندڙ حڪومت ڪهڙي منهن سان غريب جي ڳالهه ڪري ٿي هن چيو ته ڊيزل تي 25 ۽ پيٽرول تي 19 رپين کان وڌيڪ اوڳاڙي ۽ گاسليٽ تي پيٽروليم ليوي 105 ڏهائي پنج سيڪڙو وڌائڻ ظلم آهي گاسليٽ جي قيمتن ۾ واڌ 2009 کانپوءِ سڀ کان بلند سطح تي آهي  جنهن جي مذمت ڪجي ٿي عمران خان مهانگائي جي تلوار سان عوام کي قتل ڪري رهيو آهي ۽ پوءِ بيگناهه ۽ معصوم بڻجڻ جو مزمت جوڳو ڊرامو به ڪري ٿو عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽجڻ باوجود عوام مٿان اهو ظلم ڪيو وڃي ٿو جنهن جو کيس حساب ڏيڻو پوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *