لاهور(م ڊ) نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي پيرول جو مدو ختم ٿيڻ بعد ٻيهر اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي. بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي بعد نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي 5 ڏينهن جي لاءِ پيرول تيآزاد ڪيو ويو هو، پيرول تي آزادي جو مدو ختم ٿيڻ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي لاهور ۾ پنهنجي گهر جاتي امرا کان راولپنڊي جي لاءِ ايئرپورٽ روانو ڪيو ويو، راولپنڊي پهچڻ تي ٽنهي کي اڊيالا جيل اماڻيو ويو. اڊيالا جيل مان روانگي کان اڳ جاتي امرا ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ماءُ سان به ملاقات ڪئي.