پيراميڊيڪل اسٽاف جا مسئلا ترحيجي بنيادن تي حل ڪيا ويندا: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي (هه آ) طب جي ميدان ۾ پيرا ميڊيڪل ۽ نرسنگ اسٽاف اهم جز آهن، جن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار پورهئي، ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪورٽي انسيٽيوشن ۽ سيسي آفيسرز مينيجمينٽ فائونڊيشن سنڌ پاران سندس مانَ ۾ ڏنل استقباليه ۽ ايوارڊ ورهائڻ ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي نون چونڊيل عهديدارن ۽ ميمبرن کي قسم کڻائڻ جي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ۾ ڪيو. ان موقعي تي نعمان شيخ، عبدالله بلوچ، فريد انصاري، محترمه ناز بلوچ سميت ٻين عهديدارن به تقريب کي خطاب ڪيو، جڏهن ته ان موقعي تي سيڪريٽري ليبر رشيد سولنگي، ڪمنشر سوشل سيڪورٽي محمد فاروق لغاري، وائيس ڪمشنر شاهه محمد شاهه ۽ ميڊيڪل ايڊوائيزر ممتاز علي شيخ سميت ٻيا آفيسر به موجود هئا. صوبائي وزير ان موقعي تي چيو ته سوشل سيڪورٽي جي ملازمن، آفيسرن، پيراميڊيڪل اسٽاف، ڊاڪٽرز ۽ نرسنگ اسٽاف پورهيتن کي طبي سهولتن ۽ دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ دوائون سٺي ساک رکندڙ ڪمپنين کان خريد ڪيون وڃن جڏهن ته معيار تي ڪنهن به قسم جي سودي بازي قبول نه ڪئي ويندي، ان کان علاوه دوائن جي خريداري جي سلسلي ۾ قائدن ۽ ضابطن کي پورو ڪيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته اڄوڪي تقريب ۾ جيترا مطالبا پيش ڪيا ويا ۽ مشڪلون ۽ تڪليفون بيان ڪيا انهن سمورن جو جائزو ورتو ويندو ۽ انهن جي حل لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته چيئرمين پ پ پ بلاول ڀٽو زرداري جي واضح هدايت آهي ته اهڙن سمورن ادارن جن جو تعلق سڌو سنئون پورهيتن سان آهي انهن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن. سعيد غني جيڪو ڪجهه عرصو پورهيتن جو وزير رهيو جڏهن ته هن ٿوري عرصي ۾ بهترين ڪم ڪيا ان کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. منهنجي ڪوشش هوندي ته سعيد غني جي ٺاهيل ٽريڪ تي هلان. حڪومت جي نيڪ نامي ۽ پورهيتن جي ڀلائي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڇو ته پورهيتن جا ٻار اسان جا ٻار آهن ۽ انهن جي بهتري لاءِ اپاءُ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته سيسي ملازمن جي سن ڪوٽا، اپ گريڊيشن، سينيارٽي لسٽ، هائوسنگ اسڪيم، پينشن، پروموشن، فائيلنگ سسٽم سميت ٻين سمورن مطالبن جو گورننگ باڊي ۾ همدردي سان جائزو ورتو ويندو ۽ عملدرآمد لاءِ قانوني قدم ورتا ويندا. صوبائي وزير چيو ته اداري کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا، پورهيتن جي رجسٽريشن لاءِ شفاف نظام قائم ڪيو ويندو، ان موقعي تي صوبائي وزير پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪورٽي انسٽيٽيوشن جي نون چونڊيل عهديدارن ۽ ميمبرن کان قسم کڻايو ۽ قسم کڻندڙن کي مبارڪون ڏنيون ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو بيمار پورهيتن جون خدمتون وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪندا ۽ پورهيتن جي خدمت پنهنجو فرض سمجهي ڪرڻ سان گڏ عبادت سمجهي به ڪندا. تقريب جي موقعي تي ميزبانن پاران مهمانن کي سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ ٽوپي پيش ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *