پوليس ۾ غير قانوني ڀرتيون، سپريم ڪورٽ جي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي( م ڊ ) ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سنڌ پوليس خلاف ڪرپشن ڪرڻ جي حوالي سان نيب طرفان داخل ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي عدالت ۾ ۾ اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا عدالت ۾ نيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جوابدارن تي 881 غير قانوني ڀرتيون ڪرڻ جو الزام آهي، جوابدارن ايس آر پي حيدرآباد جي لاءِ جعلي ڀرتيون ڪيون، جعلي ڀرتين ذريعي 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن ڪئي ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچايو، جوابدارن  جي خلاف اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرپشن اقربا پروري ۽ ٻين قلمن هيٺ  ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ٻئي پاسي عدالت ۾ غلام حيدر جمالي طرفان سپريم ڪورٽ جي مقرر ڪيل ڪيمٽي جي رپورٽ منظرعام آڻڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ  جي ڪميٽي کي انڪوائري جو حڪم ڏنو هو پر نيب ريفرنس ٺاهي ڇڏيو انڪوائري ڪيمٽي جي ڄاڻي واڻي لڪائي وئي آهي، انڪري عدالت کي استدعا آهي ته ريفرنس کان اڳ ۾ ڪميٽي جي رپورٽ منطر تي آڻڻ جو حڪم ڏنو وڃي، عدالت اڳوڻي آءِ جي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *