پوليس ڪيسيتائين رينجرس جي آسري تي رهندي ……!!
February 16, 2017 at 2:13 amحسن ناز سومرو
سنڌ صوبو هڪ اهو صوبو آهي جتي سنڌي ماڻهو بيوس بڻيل آهن جڏهن ته هتي ڌاريا وس جا مالڪ آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڌارين هميشه سنڌ ڌرتي تي رت جي هولي واري راند کي ترجيح ڏني آهي ۽ انهيءُ رت جي هولي ۾ گھڻي کان گھڻو نقصان سنڌي ماڻهن کي رسندو رهيو آهي جنهن جي ڪري سنڌي ماڻهن جي تقدير ۾ بيوسي لکجي ويئي آهي پر سنڌ ڌرتي جا سورما اڃان به موجود آهن جيڪي سر جو سانگو لاهي پنهنجون نوڪريون داع تي لڳائي پنهنجي قوم کي بچائڻ جي ڀرپور جدوجهد ڪري رهيا آهن، اهڙن سورمن ۾ سنڌ صوبي جو آءِ جي جناب اي ڊي خواجه پڻ هڪ آهي.
سنڌ صوبي ۾ وڌندڙ لاقانونيت، اقرباپروري ۽ سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪرڻ ۾ اي ڊي خواجه جو ڪردار نهايت ئي اهم رهيو آهي پر اسان جي صوبي ۾ رهندڙ کپر نانگ اهڙا به موجود آهن جيڪي هميشه سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مفادن کي هڪ پاسي رکي پنهنجن ذاتي مفادن خاطر هو سنڌ ڌرتي جو سودو ڪندي دير ناهن ڪندا اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ ماڻهو پنهنجي ئي گھر ۾ بيگانا بڻجي ويا آهن پر پوءِ به سنڌ ڌرتي جا جوڌا پٽ ۽ هن ڌرتي جا سورما اڃان به موجود آهن جيڪي هميشه سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن کي بچائيندي انيڪ قربانيون ڏيئي رهيا آهن پر افسوس جو سنڌ ۾ اهڙن ماڻهن جو قدر ناهين ڪيو ويندو.
سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجه پنهنجي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته سنڌ ۾ ڏيڍ صدي پراڻي قانون ۾ تبديليءَ تائين پوليس پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگھندي، هن اهو به چيو هو ته آخر پوليس ڪيسيتائين رينجرس جي آسري تي رهندي …..!! سو سائين اي ڊي خواجه جي اها ڳاله 100 سيڪڙو درست آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ پوليس جو جوڙيل قانون 1861ع ۾ انگريزن اهڙي طريقي سان جوڙيو هو جو پوليس سندن وس هيٺ رهي ۽ سنڌ ۾ ٿورڙي چرپر ڪندڙ کي به معاف نه ڪري سگھجي ۽ سنڌ جي وڏيرن ۽ جاگيردارن کي خريد ڪيو ويو هو ۽ جيڪي خريد نه ٿيا انهن کي ڦٽڪا، ڪوڙا ۽ ڦاسيون ڏنيون ويون هيون سو اهو ساڳيو قانون اڄ به سنڌ جي وڏيرن جي چنبن ۾ جڪڙيل آهي ۽ هر علائقي جو صوبيدار اهو ڪم ڪندو آهي جيڪو سندس وڏيرو، خان يا جاگيردار چاهيندو آهي ۽ اهڙي طرح اهڙي پراڻي ۽ فرسوده نظام ۾ فقط هڪ وڏيري کي ئي فائدو پهچي سگھي ٿو نه ڪي ڪنهن غريب کي……!! اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو جيڪي صدين کان وڏيرن ۽ جاگيردارن جا غلام رهيا آهن انهن هن مهل تائين پنهنجو ڪو گھر تعمير ڪري نه سگھيا آهن ۽ اڄ به هو ڪکاون گھرن ۾ گاسليٽ جي بتين تي گذارو ڪن ٿا پر جي انهيءَ پراڻي قانون ۾ ترميم ڪري نئون قانون مرتب ٿيل هجي ها ته شايد سنڌي ماڻهو ائين بي يارومددگار نه هجن ها.
سنڌ جي آءِ جي جناب اي ڊي خواجه چيو ته پاڪستان جي ٻين صوبن جن ۾ پنجاب ۽ خيبر پختون خواه شامل آهن انهن صوبن ۾ نوان قانون اچي ويا آهن پر سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه اچي سگھي آهي، هن وڌيڪ چيو ته هن وقت اسان کي 2017ع ۾ نون چيلينجز کي منهن ڏيڻو آهي پر انهن نون مسئلن کي اسين 1861ع واري قانون موجب منهن ڏيئي رهيا آهيون. اي ڊي خواجه چيو ته پوليس ۾ کوڙ ساريون خاميون آهن جنهن جي ڪري هنن جو مورال ڪري پيو آهي جنهن جي ڪري اسان کي رينجرز کي ئي گھرائڻو پويو آهي جنهن جو خرچ به سنڌ صوبي کي ئي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي..
سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجه چيو ته اسان سنڌ سرڪار کي نئين قانون جو ڊرافٽ ٺاهي پيش ڪيو آهي سو اميد ٿا ڪريون ته سنڌ سرڪار ان پاسي توجھ ضرور ڏيندي.
سو سائين اها هڪ حقيقت به آهي ته هن جديد دور ۾ جتي انسان چنڊ کي ڇڏي اڳتي ٻين سيارن ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي پر اسان جي پوليس ۾ اهوئي انگريزن وارو فرسوده نظام اڃان تائين هلي رهيو آهي سو ان فرسوده قانون کي ختم ڪرائڻ لاءِ اسان جا وڏيرا ۽ جاگيردار ڪڏهن به راضي ڪونه ٿيندا ڇاڪاڻ ته جيسيتائين پوليس وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ماتحت رهندي ته سنڌي قوم به سندن غلام رهندي پر جي قانون ۾ ڪا نئين تبديلي ڪئي ويئي ته سنڌي ماڻهو جلد ئي هنن بگھڙن جي ٻک مان نڪري ايندي، پر پوليس ۾ هن وقت سنڌ جي وڏيرن ۽ جاگيردارن پنهنجا پير پختا ڪري ڇڏيا آهن ڇاڪاڻ ته پوليس ۾ هميشه ڀرتي يا ته پئسن ذريعي ڪئي ويندي هئي يا وري ايم پي اي يا ڪنهن ايم اين اي کي ڪوٽا تحت پوليس ۾ سيٽون ڏنيون ويندون هيون جنهن جي ذريعي سنڌ جي وڏيرن ۽ جاگيردارن پوليس ۾ اي ايس آءِ جي ڀرتين ۾ پنهنجا پٽ ۽ ويجھا مٽ مائٽ ڀرتي ڪرائي ڇڏيا آهن ته جيئن وقت سر سندن آيل مصيبت کي ٽاري سگھن سو سنڌ ۾ اهڙا هزارين مثال موجود آهن ته پوليس ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي پٽن کي اوليت جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ پهريان پوليس جي ڀرتي ڪهڙي طريقي سان ڪئي ويندي هئي ان جي خبر سمورن سنڌ واسين کي آهي پر جڏهن کان سنڌ ۾ آءِ جي واري پوسٽ تي اي ڊي خواجه کي مقرر ڪيو ويو آهي تڏهن کان پوليس ۾ ميرٽ جي ڳاله ڪئي پئي وڃي، نه ته هتي پوليس جي نوڪرين تي واڪ ڏنا ويندا هئا ۽ پوءِ واڪن تي ڀرتي ٿيل پوليس اهلڪار سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي سنڀار به ته اوتري ئي لهندا……..!!
سنڌ ۾ اي ڊي خواجه کي ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ برطرف به ڪيو ويو هو پر ڪورٽ سڳوري سنڌي ماڻهن جا هيڻا حال ڏسي اي ڊي خواجه جهڙي سنڌ جي خيرخواه آفيسر کي ٻيهر بحال ڪري سنڌي ماڻهن تي احسان ڪري ڇڏيو آهي.
اسين به ان باري ۾ سنڌ کي گذارش ڪنداسين ته اي ڊي خواجه جهڙي ايماندار، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي هڏ ڏوکي آفيسر کي برطرف ڪرڻ بدران سندس حوصله افزائي ڪئي وڃي ته جيئن هو سنڌ ۽ سنڌ ماڻهن جي بهتري لاءِ وڌيڪ سٺي نموني ڪم ڪري سگھي ۽ اي ڊي خواجه پاران نئين قانون جي ڊرافٽ کي قانوني شڪل ڏيئي سنڌ ۾ پوليس ۾ جديد قانون نافذ ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو سک جي زندگي گھاري سگھن.