پوليس وارا اسان جا ٻار آهن، انهن کي پاليو پر هاڻ ڪجهه پڇي به نٿا سگهون: سهيل انور سيال

November 22, 2017 at 3:38 am

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته سنڌ پوليس وارا اسان جا ٻار آهن اسان ان کي پاليندا آهيون ۽ نخري سهندا آهيون پر هاڻ ڪجهه پڇي به نٿا سگهون. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چاقوبردار بابت سوال تي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جو چوڻ آهي ته پوليس ڪنهن بي گناهه کي چاقوبردار واري ڪيس ۾ فڪس ناهي ڪيو. آءِ جي سنڌ بابت گهرو وزير چيو ته آءِ جي جي مسئلي تي حڪومت  وفاق کي خط لکيو آهي جنهن جو هن وقت تائين ڪو به جواب ناهي آيو جڏهن ته آءِ جي سنڌ کان ڪو اختيار ناهي ورتو ويو، اختيارن بابت عدالت ۾ ڪجهه ڳالهيون لڪايون ويون. سهيل انور سيال جو چوڻ هو ته عدالت جي حڪم موجب مون وٽ بدلي جا اختيار ناهن، سنڌ حڪوتم عدالت جي هر حڪم تي عمل ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس اسان جي ٻار آهي، اسان ان کي پاليندا آهيون، کيڏائيندا آهيون ۽ نخرا کڻندا آهيون، هاڻ اسان سنڌ پوليس کان ڪجهه پڇي به نٿا سگهون.

اي پيپر