ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آءِ جي سنڌ سيد ڪليم امام چيو آهي ته پوليس تي ڪوبه دٻاءُ ناهي ۽ حڪومت آزاداڻو ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ئين مقرر ٿيندڙ آءِ جي سنڌ سيد ڪليم امام چيو ته اسان ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان ڪم ڪنداسين، ڪراچي جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، هر ممڪن بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس تي ڪوبه دٻاءُ ناهي، حڪومت آزاداڻو ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ يقين ڏياريو آهي ته پوليس جي قانون ۾ نواڻ آڻينداسين جڏهن ته پوليس آرڊر 2002ع تمام سٺو قانون آهي، اسان پوليس جي قانونن ۾ ترميمون به لاڳو ڪنداسين.هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۾ جيڪي ماڻهو سٺو ڪم ڪندا انهن کي انعام ڏينداسين ۽ جيڪي خراب ڪم، لينڊ مافيا يا ڪنهن گرووهه ۾ ملوث مليو ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.ڪليم امام جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ سيف سٽي پراجيڪٽ پهريان ئي ٿي وڃڻ گهرجي ها، دنيا جي وڏن شهرن ۾ سيف سٽي پروجيڪٽ هوندو آهي، واعدو ڪريان ٿو ته نئين پروپوزل سان سيف سٽي پروجيڪٽ لڳائينداسين، شهر ۾ گهڻيون ڪيميرائون ۽ ريسپانس يونٽ هجڻ گهرجن.