ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پوليس ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هڪ ٽولي کي گرفتار ڪيو آهي، باقي دهشتگردن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي ترقياتي ڪمن جي جائزي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مان ايئرپورٽ کان قائد آباد تائين ڪي ايم سي تحت ڪم کي ڏسڻ آيو هيس، ايئرپورٽ کان قائد آباد تائين روڊ جو ڪم ڪاغذن ۾ مڪمل ٿي ويو آهي پر عملي طور نه ٿيو آهي، جڏهن ته ڪي ايم سي کي منصوبي جا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته منزل پمپ فلاءِ اوور تي ڪم مان مطمئن آهيان ۽ فلاءِ اوور جو اين اي ڊي يونيورسٽي جي ماهرن کان معائنو ڪرايو ويو آهي، مان ترقياتي ڪمن جي رفتار مان مطمئن نه آهيان تنهن ڪري چاهيندس ته ڪي ايم سي ڪمن جي معيار تي ڌيان ڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شهر ۾ پولنگ جي ٽارگيٽ ڪلنگ تي کيس افسوس آهي، ملوث دهشتگردن جي نشاندهي ٿي وئي آهي ۽ تازو قتل جي واقعن ۾ ملوث هڪ ٽولي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، باقي دهشتگردن کي به گرفتار ڪيو ويندو.