پولنگ جي وقت ۾ اضافو، صبح 8 کان شام 6 وڳي تائين ووٽنگ ٿيندي

اسلام آباد ( بيورو ) اليڪشن ڪميشن 25 جولاءِ تي رٿيل عام چونڊن لاءِ پولنگ جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب 25 جولاءِ تي پولنگ جو وقت صبح 8 وڳي کان شام 6 وڳي تائين هوندو ۽ پولنگ جو عمل بنا ڪنهن وقفي جي 10 ڪلاڪن تائين جاري رکيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پولنگ جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ اضافي جو مقصد چونڊ عمل ۾ عوام جي شرڪت يقيني بڻائڻ آهي. اليڪشن ايڪٽ موجب پولنگ جو وقت گهٽ ۾ گهٽ 8 ڪلاڪ مقرر آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون موقعو آهي پولنگ جي ڏينهن کان اڳ ئي پولنگ جو وقت وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اليڪشن ايڪٽ تحت پولنگ واري ڏينهن مخصوص حالتن ۾ اليڪشن ڪميشن کي اختيار حاصل آهي ته اها هڪ کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ جو وقت وڌائي سگهي ٿي. تحريڪ انصاف پولنگ جو پڻ پولنگ جو وقت رات 8 وڳي تائين وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو جيڪو اليڪشن ڪميشن رد ڪري چڪي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *