پولنگ اسٽيشنز تي فوجي اهلڪارن کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا ويا

اسلام آباد (بيورور) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان فوجي اهلڪارن کي پهرين درجي جي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن دوران سيڪيورٽي جي ذميواري نڀائيندڙ فوجي اهلڪارن کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا ويا آهن. پولنگ اسٽيشنز تي مقرر فوجي اهلڪارن کي پهرين درجي جي مئجسٽريٽ جا اختيار حاصل هوندا، جنهن تحت اهي پولنگ اسٽيشنز تي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي موقعي تي سزا ٻڌائي سگهندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فوجي اهلڪار قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي جو اطلاع پرزائيڊنگ آفيسر کي ڏيڻ جا پابند هوندا ۽ پرزائيڊنگ آفيسر طرفان مناسب ڪارروائي نه ٿيڻ تي فوجي اهلڪار پنهنجي سينيئر آفيسرن کي آگاهه ڪندا. چونڊن جو ماحول پرامن رکڻ ۽ عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ فوجي اهلڪار پولنگ کان ٻه ڏينهن اڳ اسٽيشنز تي مقرر هوندا ۽ 27 جولاءِ تي ڊيوٽيون ڏيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *