ملير (رپورٽر) پورٽ قاسم انڊسٽريز زون واري علائقي ۾ قائم اينگرو پوليمر اينڊ ڪيميڪل انڊسٽريز ۾ گئس ليڪيج ٿيڻ بعد باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 کان وڌيڪ پورهيت سڙي فوت ۽ 200 سسئو کان وڌيڪ پورهيت بيهوش ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته اينگرو پوليمر اينڊ ڪيميڪل انڊسٽريز ۾ صبح جو اوچتو گئس ليڪيج ٿيڻ جي نتيجي ۾ باهه لڳي وئي،جنهن جي نتيجي ۾ 5 کان وڌيڪ پورهيت سڙي فوت ٿي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ سڙي زخمي ٿي پيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس ليڪيج جي نتيجيي ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ پورهيت بيهوش ٿي ويا، سڙي فوت ٿيل پورهيتن جا مڙهه ڪيترا ئي ڪلاڪ گذرڻ باوجود لڪايا پيا وڃن،بيهوش ۽ سڙي زخمي ٿيل پورهيتن کي به هڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي معاملي کي لڪايو ويو وڃي. اينگرو پوليمر جي ڪسٽمر سروسز جي نمبر تي رابطي ڪرڻ تي نمائندي ڪا به معلومات ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته کيس ڪا به معلومات مهيا ڪرڻ کان منع ٿيل آهي.اينگرو گروپ باهه واري واقعي ۽ پورهيتن جي سڙي فوت ٿيڻ واري معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ مختلف ذريعا استعمال ڪري رهيو آهي.