اسلام آباد(بيورو): وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪڏهن به ڪنهن جي جنگ ۾ شرڪت نه ڪندو ۽ اسان جي سڄي ڪوشش آهي ته سعودي عرب ۽ ايران ۾ دوستي ٿي وڃي. اسلام آباد ۾ هنرمند پاڪستان منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته اسان پهرين ڪنهن ٻي جي جنگ ۾ شرڪت ڪندا رهيا آهيون پر هاڻ ڪنهن جي جنگ ۾ شرڪت نه ڪنداسين، پاڪستان دهشتگردي ۾ پهرين ئي وڏي قيمت چڪائي آهي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته قومن جي زندگي ۾ ڏکيو وقت ايندو آهي ته جيئن پنهنجي اصلاح ڪئي وڃي، پاڪستان ڏکئي وقت مان نڪري رهيو آهي ۽ استحڪام جي طرف گامزن آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته ڪمزور ۽ غريب طبقي جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ اسان 190 ارب رپيا صرف غريب طبقي جي بهتري تي خرچ ڪيا، پنجاب ۾ 170 پناهه گاهون بڻجي چڪيون آهن، سخت سيءَ ۾ عوام کي سهولت ڏني وئي آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته 2020ع ۾ نوجوانن کي روزگار ڏيڻو آهي، ايندڙ 4 سالن ۾ 50 لک گهر ٺاهڻا آهن، گهر ٺاهڻ سان 40 لک جي ويجهو انڊسٽريز هلنديون، انڊسٽريز هلنديون ته بيروزگاري ۾ گهٽتائي ٿيندي، زراعت جي لاءِ اسان پراڻي طريقي کي ختم ڪري جديد نظام متعارف ڪرايو ويندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته يوٽيلٽي اسٽورز ۾ غريبن جي لاءِ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ خوشي هيلٿ ڪارڊ جي آهي، جنهن جي ذريعي 7 لک رپين جي ماليت تائين جو علاج مفت ۾ ٿيندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو اثاثو نوجوان آهي، نوجوان ئي ملڪ کي سپر پاور بڻائي سگهن ٿا، هنرمند پروگرام جي لاءِ 30 ارب رپيا ڏيڻا آهن، جنهن ۾ پهرين فيز ۾ 10 ارب استعمال ٿيندو، پروگرام جي تحت پنج لک نوجوان کي هنر سيکارينداسين.