پوري ملڪ جيان جيڪب آباد ۾ به هندو برادري پنهنجو مذهبي ڏڻ هولي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو

جيڪب آباد (ڊر) پوري ملڪ جيان جيڪب آباد ۾ به هندو برادري پنهنجو مذهبي ڏينهن هولي وڏي جوش ۽ جزبي سان ملهايوهولي ۾ ننڍن ٻارن سان گڏو گڏ نوجوانن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي هولي جا رنگ برنگي رنگ هڻي چهرا گاڙا ساوا ڪري ڇڏيا ان موقعي تي سيڪورٽي جا انتظامات به سخت ڪيا ويا،خبرموجب، پوري ملڪ جيان جيڪب آباد ۾ به هندو برادري پنهنجو مذهبي ڏينهن هولي وڏي جوش ۽ جزبي سان ملهايوشري ڪرشنا گرو مندر کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾مهاراج واشديو،مهاراج نارائڻ گر،لعل چندسيتلاڻي،بابو بي ايڇ کرانا، اڳوڻوپينچائت جو صدر بابو مهيش، ۽ٻيا هولي ۾ ننڍن ٻارن سان گڏو گڏ نوجوانن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ۽ هڪ ٻئي کي هولي جا رنگ برنگي رنگ هڻي چهرا گاڙا ساوا ڪري ڇڏيا ان موقعي تي سيڪورٽي جا انتظامات به سخت ڪيا ويا شهر جي چئن طرفن کان پوليس ۽ ريجرس جي وڏي نفري موجود هئي، ان موقعي تي مهاراج چيو ته اسان پاڪستان جي شهر جيڪب آباد ۾پنهنجا اهڙا تهوار وڏي آزادي سان ملهايون ٿا ۽ اسان مير اعجاز خان جکراڻي جا شڪر گذار آهيون جنهن اسان جي اهڙن ڏينهن تي سار لڌي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *