پورهيتن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ دير برداشت نه ڪئي ويندي : ناصر حسين شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته يونين آفيسرن ۽ اهلڪار پورهيتن جي فلاح ۽ بهبود جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ وگڏ پنهنجون پيشيواراڻا ذميواريون به محنت دلچسپي ۽ ايمانداري سان ادا ڪن اها ڳالهه هن آل پاڪستان ورڪرز ويلفيئر بورڊ ايمپلائيز يونين سي ڊي اي جي احتمام هيٺ ڪوٺايل هڪ انعامن واري تقريب کي خطاب ۾ ڪئي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پاڪستان پيپلر پارٽي هميشا پورهينت جي نه فقط ڳالهه ڪري ٿي پر عملي قدم ک ڻندي کين سهولتون ۽ بنيادي ضرورتون به فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن جي روشني ۾ پورهيتن ۽ انهن جي خاندانن جا ڪيترائي فلاحي منصوبا ترتيب ڏنا آهن جن ۾ نون اسڪولن اسپتالن ۽ ڪالونين جي اڏاوت سان گڏ وگڏ موجوده منصوبن جي بحالي ۽ ٻين ضرورتن کي يقيني بهتر کان بهتر بڻائڻ شامل آهي ، صوبائي وزير چيو ته هن آفيسرن کي چئي ڇڏيو آهي ته ملازمن ۽ پورهيتن جي لاءِ سهولتون ۽ معاملا جلد اڪلايا وڃن ۽ دير يا غير ضروير سبب برداشت نه ڪيا ويندا ڇو ته سمورا مالي فائدا پورهيت جي لاءِ مخصص آهن. سيد مراد علي شاهه جا ٿورائتا آهيون جو هن سمورن منصوبن جي لاءِ گھربل فنڊ جاري ڪيا آهن جيڪڏهن ترقياتي فنڊ گھٽ آهن پر انهن فنڊن سان پورهيتن جا سمورا مسئلا سندن ڀلائي جي لاءِءَ خرچ ڪيا پيا وڃن صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سمورن منصوبن لاءِ زمين يا حڪومت يا ڪي سرندي و ارا مفت فراهم ڪن ته ليبر ڪالونيون ٺاهينداسي، اهڙي طرح لاڙڪاڻو نئون ديرو ۾ آصف علي زرداري صاحب زمين ان مقصد جي لاءِ فراهم ڪئي آهي ان کان اڳ محنت ۽ افرادي قوت واري سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي پورهيتن جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن فلاح ۽ بهبود ضرورتون ۽ سهولتن بابت تفصيلي آگاهه ڏني سيڪريٽري ورڪرزويلفيئر بورڊ سنڌ آصف عليميمڻ به پورهيتن جي لاءِ سنڌ حڪومت ۽ صوبائي وزير جي قدمن ۽ ان جي سوچ ۽ مشن مطابق ترقياتي اسيڪمن جي نيٽورڪ بابت پڻ آگاهي ڏني. مشهور پورهيت اڳواڻن پائلر جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪرامت علي، حبيب دين جنيدي، لياقت مگسي، مير اسماعيل بروهي روشن ڪلهوڙو ۽ صدر ايپملائيز يونين منتخب عالم ، جنرل سيڪريٽري وارث شاهه ، سرپرست سيد مشرف زيد ۽ ٻين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *