پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
برسبين ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ برسات سبب متاثر ٿي، جنهن ڪري ميچ 7-7 اوورن تائين محدود ڪئي وئي.
قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي اڳ ۾ فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آسٽريلين ٽيم مقرر اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 93 رنسون ٺاهيون.
ڪينگروز طرفان گلن ميڪسوِل 19 بالن تي 43 رنسن جي دونهيدار اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ مارڪس اسٽوئنس 21، ٽم ڊيوڊ 10 ۽ جيڪ 9 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان عباس آفريديءَ 2، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
آسٽريليا طرفان مليل 94 رنسن جي حدف جي جواب ۾ قومي ٽيم مقرر ستن اوورن ۾ نون وڪيٽن جي نقصان تي 64 رنسون ٺاهي سگهي، سڀ کان وڌيڪ عباس آفريدي 20 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، حسيب الله خان 12 ۽ شاهين آفريندي 11 رنسون ٺاهيون.
ڪينگروز طرفان بارٽليٽ ۽ نٿن اِليس 3-3، ايڊم زمپا 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
گلن ميڪسويل کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو