پنوعاقل ( رپورٽ سجاول سومرو ) پهرين روزي کان مدني مسجد پاڙي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا، سخت گرمي سبب سڄي رات ويهي گذارڻ لڳا، پاڻي جو شديد بحران، سحري توڙي افطاري اونڌاري ۾ ڪرڻ لڳا، گهرن ۾ ٻارڙن جا ڪيهاٽ، گهريلو عورتون، پوڙها سخت گرمي سبب پريشان، رهواسين جو احتجاج، رپورٽ موجب، پنوعاقل جي مدني مسجد پاڙي جو پهرين روزي کان سڙيل ٽرنسفارمر تبديل نه ٿيو رهواسي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن سخت گرمي سبب بيحال ٿي ويا رهواسين استاد عابد، عبدالستار، راشد راجپوت، عبدالغني ڀٽي، جبار راجپوت، زاهد ملڪ، جاني ملڪ، اسلم راڻا ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ته پهرين روزي کان مدني مسجد پاڙي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي جنهن جي ڪري اسان عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهيون سخت گرمي ۾ 24 ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙيل آهي پر واپڊا وارا پنهنجن من مستين ۾ پورا آهن اسان روزانو واپڊا آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون ڪيترائي ڀيرا ايس ڊي او واپڊا غلام رضا ابڙو کي به ٽرانسفارمر سڙن جي شڪايت ڪئي آهي پر هو به اهو چئي واپس ٿو ڪري ڇڏي ته مان سڙيل ٽرانسفامر کي ڇا ڪيان هي منهنجو ڪم ناهي ڪنهن مستري کي وڃي ڏسو، هنن چيو ته سحري توڙي افطاري اونڌاري ۾ ڪري رهيا آهيون ۽ سڄي رات ويهي گذاريندا آهيون هڪ طرف موتمار گرمي آهي ته ٻي طرف ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ ڪري بجلي بند جي ڪري پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهيون ڪو به اسان جي ٻڌڻ وارو ناهي هر مهيني تي بجلي جا بل به وقت تي ادا ڪندا آهيون ان جي باوجود به اسان سان واپدا وارا ڪلور ڪري رهيا آهن بجلي بند هجڻ ڪري پاڻي جو به شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي ۽ ڪاروبار به ٺپ ٿي ويا آهن قهر جهڙي گرمي ۾ بجلي نه هجڻ ڪري گهرن ۾ پارڙن جا ڪيهاٽ آهن گهريلو عورتون، پوڙها گرمي ۾ بيحال ٿي ويا آهن، پوري شهر ۾ ڪنڊا ڪنيڪشن هلي رهيا آهن جتان واپڊا وارا هزارين روپيا منٿلي وصول ڪندا آهن ۽ هتان جا ٽرانسفارمر سڙندي ئي هڪ ڏينهن ۾ تبديل ڪندا آهن پر اسان جو پهرين روزي کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري نه ٿو ڏنو وڃي. هنن وفاقي وزير پاڻي، بجلي ۽ واپڊا جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ايس ڊي او واپڊا خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرائي ڏنو وڃي ته جيئن سُک جو ساهه کڻي سگهون.