اسلام آباد (بيوور): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم لکيل تقرير پڙهي، اهي ٻن طرفن اشارو ڪري رهيا آهن، يعني فوج ۽ عدليه ته اهي سازش ڪري رهيا آهن، جڏهن نئون آرمي چيف ۽ نئون چيف جسٽس آيا ته مريم نواز ٽوئيٽ ڪيو، مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اونداهي رات نڪري وئي، طوفان گذري ويو، مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اهو به چيو ته هاڻي حالتون بهتر ٿي ويون، هن چيو ته نئون آرمي چيف به آيو ۽ چيف جسٽس به آيو، انهن تي انهن کي پورو اعتماد هيو، اڄ اهي انهن تي ئي آڱريون کڻي رهيا آهن.