پنڊي مان سنڌ کي لاش مليا آهن، اين ايف سي مان ڪٽوتي برداشت نه ڪنداسين:مراد علي شاهه

ٽنڊو محمد خان  ( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نيب جي قانون ذريعي وفاقي حڪومت پنهنجي سياسي مخالفن کي انتقامي ڪارروائين جو نشانو بنائي رهي آهي. اهڙو اظهار هن ٽنڊي محمد خان شهر جي مقامي هال ۾ پ پ ايم پي اي عبدالڪريم سومرو جي ڀائيٽي جي  شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ صحافين  سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته نيب جي ڪيسن ۾ جن تي به ريفرنس آهن انهن تي ڪيس هلي رهيا آهن، ڪا به ثابتي ٿئي ٿي ته گرفتار ڪيو وڃي، ان تي اسان ڪو به اعتراض نه ڪنداسين پر ان جي ابتڙ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري کان پوءِ صوبائي وزير ۽ اڳوڻن صوبائي وزيرن کي الزامن جي تحت گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش به انتقامي ڪارروائي جو حصو نظر اچي رهيو آهي. اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شوري کي ٽن ڪيسن ۾ ضمانت باوجود وري نوان ڪيس لڳائي کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ نيب جي ڪارروائي شهري علائقي ۾ ڪنهن دهشتگرد جيان گرفتار ڪرڻ به عجيب ڳالهه آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته نيب کي سنڌ صوبي کان سواءِ ملڪ ۾ ڪٿي به ڪرپشن نظر نه اچي رهي آهي. عليم خان کي نيب جي ڪيس ۾ ڄاڻائي پنهنجي مخالفن خلاف ڪارروائيون ڪيون وڃن پيون. بدقمستي آهي ته سنڌ جي چونڊيل صوبائي حڪومت کي ڪرپشن جي نالي ۾ بدنام ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي پئي. جيڪا وفاقي حڪومت جي انتقامي سياسي ڪارروائي جو حصو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪراچي جي ٻن دورن کان پوءِ مون کي اطلاع ڪرڻ بنا ٿر جو دورو ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي دوري مان سنڌ کي ڪو به رليف نه مليو آهي، ٿر جي عوام کي ڪو به اهڙو پيڪيج نه ڏنو ويو آهي جنهن سان سندن بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن. اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جا جائز حق ملي نه سگهيا آهن. وزيراعظم قبائلي علائقن کي سنڌ بلوچستان جي اين ايف سي ايوارڊ مان وڌيڪ 3-3 سيڪڙو ڏيارڻ جا اعلان ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جي دل آزاري ڪري رهيو آهي. سنڌ حڪومت پنهنجي جائز حقن لاءِ وفاق وٽ هر محاذ تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. پر لڳي ٿو ته وزيراعظم کي سنڌ سان ڪو به انصاف نه ڪرڻو آهي. هن چيو ته نيب جي ڪيسن کي پنڊي منتقل ڪرڻ حڪومت عجيب فارمولو پيش ڪري رهي آهي، پنڊي جي عدالتن ۾ ڪيسن جي منتقلي پنهنجي سنڌ صوبي جي عدالتن تي بي اعتمادي ڪئي پئي وڃي، ماضي ۾ پنڊي مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو تائين جيڪي شهيدن جا لاش سنڌ کي مليا آهن جنهن جي ڪري اهو مناسب نه لڳي رهيو آهي ته ڪيس پنڊي منتقل ڪيا وڃن. جڏهن ته ڪيس سنڌ جا آهن ته سنڌ ۾ ئي هلايا وڃن ته انصاف ٿي سگهندو. ان موقعي تي اڳوڻو وفاقي وزير ايم اين اي سيد نويد قمر، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، پ پ ايم پي اي اعجاز شاهه بخاري، پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومرو، ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين سيد ذيشان شاهه، پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي حاجي امين لاکو ۽ ٻيا موجود هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *